گلشن حديد ويجهو ٿيل بم ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ پمفليٽ به مليو آهي ۽ ان ۾ ملوث گروهه جلد قانون جي پڪڙ ۾ ايندو:آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه

IG-sindh-AD-

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان لاءِ اهلڪارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ گلشن حديد ويجهو ٿيل بم ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ پمفليٽ به مليو آهي ۽ ان ۾ ملوث گروهه جلد قانون جي پڪڙ ۾ ايندو.

ڪراچي جي گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ٽريفڪ جي شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته وزير اعظم شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ پئڪيج 20 لک مان وڌائي 50 لک رپيا  ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته گريجوئيشن ڪندڙ  شهيد اهلڪارن جي ٻارن کي وظيفو ڏنو ويندو.

آءِ جي سنڌ چيو ته گلشن حديد ويجهو  ٿيل ڌماڪي جهڙا واقعا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پيش اچي چڪا آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان لاءِ اهلڪارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اڄ گلشن حديد واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ پمفليٽ به مليو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث گروهه جلد قانون جي پڪڙ ۾ ايندو.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڌماڪو ڪندڙ گروهه پاڪ چين راهداري منصوبي خلاف سازش ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*