سپريم ڪورٽ پي پي 175قصور تي ٻيهر چونڊ بابت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ پي پي 175قصور تي ٻيهر چونڊ بابت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ن ليگ جي محمد يعقوب سيٺي جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پي پي 175قصور تي حڪمران جماعت نواز ليگ سان واسطو رکندڙ محمد يعقوب جي رڪنيت کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ٽربيونل جي ٻيهر چونڊ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو.

واضح رهي ته آزاد اميدوار الياس چوڌري جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن محمد يعوقب سيٺي جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، جنهن سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو چئلينج ڪيو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*