سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾ مشرف جو ڪو نه رول ناهي عوام ۾ نفرتون نه پکيڙيون وڃن بابر غوري

متحده اڳواڻ بابر غوري ٽمبر مارڪيٽ باهه جي متاثرن جي بحالي لاءِ في خاندان 25 لک رپيا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران متاثرن لاءِ هڪ لک رپين جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو سندن بحالي لاءِ ناڪافي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده اڳوڻ بابر غوري چيو ته آهي ته سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾مشرف جو ڪوبه رول ناهي، کين اپيل آهي ته عوام ۾ نفرتون نه پکيڙيون وڃن.

هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ڪجهه به ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، شهري ادارن ٽمبر مارڪيٽ متاثرن سان رابطو ئي نه آهي ڪيو.

بابر غوري جو چوڻ هو ته وڏو وزير اجلاس گهرائي اعلان نه ڪري، پر باهه واري هنڌ پهچي متاثرن ۾ امداد ورهائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*