جيڪب آباد ۾ سبزوئي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي جرڳو،مجموعي طور تي ساڍا 47 لک رپيا ڏنڊ

jecobabad-jurgha

جيڪب آباد ۾ سبزوئي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي جرڳي دوران 4 خون ۽ 5 زخمين جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڌرين مٿان مجموعي طور تي ساڍا 47 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.

سبزوئي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ 10 سال پراڻي خوني تڪرار جو جرڳو ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ مير منظور پنهور جي سرپئنچ ڪيو ويو.

جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين جا هڪ ٻئي تي 4 خون ۽ 5 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جا ڏوهه ثابت ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڌرين تي مجموعي طور تي ساڍا 47 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، جڏهن ته چاچڙ برادري جي هڪ ڄڻي جو خون ثابت نه ٿيڻ تي سبزوئي برادري پاران ساک ڏني ويندي.

جرڳي ۾ في خون جي بها 10 لک روپيا رکي وئي، جنهن سبب ڌرين تي 4 خون ثابت ٿيڻ تي 40 لک روپيا ۽ 5 زخمي ثابت ٿيڻ تي ساڍا 7 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، جڏهن ته مجموعي طور تي ڌرين تي ساڍا 47 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، ڌريون ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون.

سبزوئي برادري جي ڌر وارا صاحب خان چاچڙ جي خون جي ساک ڏيندا، جڏهن ته چاچڙ برادري جي ڌر تي 24 لک روپيا ڏنڊ ۽ سبزوئي برادري جي ڌر تي 23 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.

ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خوني تڪرار ۾ 5 ڄڻا علي نواز چاچڙ، حاڪم علي چاچڙ، صاحب خان چاچڙ، پير بخش سبزوئي، فضل محمد سبزوئي قتل ٿي ويا هئا، جڏهن ته  رجب سبزوئي، ڊاڪٽر رب نواز چاچڙ، لعل بخش ۽ لطيف چاچڙ زخمي ٿي پيا هئا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*