پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ سياسي طاقت جي مظاهري لاءِ جلسي جو پنڊال سجائي ورتو

bilawal-zardARI

پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ سياسي طاقت جي مظاهري لاءِ جلسي جو پنڊال سجائي ورتو، بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ شرڪت ۽ خطاب لاءِ اسلام آباد مان ميرپور روانو آهي، بلاول چيو آهي ته روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ شهيد بينظير جو خواب هو، نوازليگ جي معاشي پاليسين ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

ميرپور آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي کي خطاب لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد مان ميرپور روانو ٿي ويو آهي.

ميرپور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پ پ جي جلسي جي لاءِ 80 فوٽ ڊگهو ۽ 24 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪري شهر کي پيپلزپارٽي جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي.

ساڳي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ 1992 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو خطاب ڪيو هو.

اسلام آباد مان ميرپور روانگي کان اڳ صحافين سان ڪيل غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ شهيد بينظير جو خواب هو، نوازليگ جي معاشي پاليسين ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*