گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول ۾ ڪرڪيٽ جو فائنل اڄ ايگل اليون گهوٽڪي ۽ سٽي اليون وچ ۾ ٿي رهيو آهي

ghotki-sports

گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول ۾ ڪرڪيٽ جو فائنل اڄ ايگل اليون گهوٽڪي ۽ سٽي اليون وچ ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته باڪسنگ ۾ بلوچستان پهرين ۽ خيبر پختونخواه جي ٽيم ٻي پوزيشن حاصل ڪئي.

گولف ڪورس گرائونڊ ۾ اڄ شام پنجين وڳي اسپورٽس فيسٽيول جي پڄاڻيءَ واري تقريب ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ ۽ ڊي سي گهوٽڪي محمد طاهر وٽو خاص مهمان طور شرڪت ڪندا.

بيڊمنٽن ۽ باڪسنگ جا مقابلا پڄاڻيءَ تي پهچي چڪا آهن، جڏهن ته ڪرڪيٽ ۾ ايگل اليون گهوٽڪي ۽ سٽي اليون وچ ۾ اڄ فائنل کيڏيو پيو وڃي.

باڪسنگ جي مقابلن ۾ بلوچستان جي ٽيم پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته خيبر پختونخواه ٻئي نمبر تي آيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*