انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪلز ٽريننگ ڪيمپ اڄ کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾شروع

pakistani-team-training

انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪلز ٽريننگ ڪيمپ اڄ کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾شروع ٿي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ جي ٽيم خلاف چار ٽِيسٽ پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻي آهي.

اهم سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پي سي بي هن ڀيري ٽِيم جي رانديگرن جي فٽنس کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي.

پهرين مرحلي ۾ لاهور ۾ چئن ڏينهن جي ڪيمپ منعقد ڪئي وئي،جنهن بعد ٽيم جي ايبٽ آباد ۾ بوٽ ڪيمپ منقعد ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ فوجي ٽرينرز رانديگرن کي ٽريننگ ڏني.

ڪاڪول ۾ مجموعي طور تي29 رانديگرن شرڪت ڪئي، جن مان سليڪشن ڪميٽي 21 رانديگرن کي سليڪٽ ڪيو ،جيڪي اڄ کان شروع ٿيل اسڪلز ڪيمپ ۾ شامل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر هن وقت تائين پاڪستان نه پهتو آهي،جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هو هن هفتي اچي ويندو ۽ ٽيم کي جوائن ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*