انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ سن رائيزحيدرآباد جي ٽيم پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

IPL final

انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ سن رائيزحيدرآباد جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رائل بينگلور چيلنجرز بينگلور جي ٽيم کي 8رنزتان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

ڀارتي شهر بينگلور ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي فائنل ۾سن رائيز حيدرآباد جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 208رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ڪپتان ڊيوڊ وارنر69، يووراج سنگهه 38رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته ڪٽنگ 39رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

رائل چيلينجر بينگلور جي ٽيم پاران ڪرس جارڊن 3، اروند 2، جڏهن ته چاهل هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

رائيل چيلينجرز بينگلور جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 209رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون، پهرين وڪيٽ جي پارٽنر شپ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڪرس گيل 114رنز اسڪور ڪيون، جن جي آئوٽ ٿيڻ بعد ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 200رنز اسڪور ڪيون ۽ اهڙي طرح کين 8رنز تان شڪست ملي، ڪرس گيل 76۽ويرات ڪوهلي 54رنز اسڪور ڪيون.

 اهڙي طرح سن رائيز حيدرآباد جي ٽيم مخالف ٽيم کي 8رنز تان شڪست ڏئي ميگا ٽورنامنٽ جي  چيمپيئن ٿي وئي.

سن رائيز حيدرآباد جي ٽيم پاران ڪٽنگ ٻه، جڏهن ته سرا، مستضفرالرحمان۽ بيپل شرما هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

سن رائيز حيدرآباد جي ٽيم پاران آلرائونڊ ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي ڪٽنگ کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو ،جڏهن ته ويرات ڪوهلي کي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*