آصف زرداري کي مخدوم امين فهيم خلاف سخت جملا نه ڳالهائڻ گهرجن ها نواب يوسف ٽالپر

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته آصف علي زرداري کي مخدوم امين فهيم خلاف سخت جملا نه ڳالهائڻ گهرجن ها، سخت جملن مان لڳي پيو ته سندس دل ۾ مخدوم امين فهيم خلاف ناراضگي هئي.

حيدرآباد ۾ ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڳڙهي خدابخش ۾ آصف زرداري مخدوم امين فهيم خلاف سخت جملا ڳالهايا، جيڪي کيس نه ڳالهائڻ گهرجن ها.

نواب يوسف ٽالپر چيو ته آصف زرداري جي سخت جملن مان لڳي ٿو ته سندس دل ۾ مخدوم امين فهيم خلاف ڪا ناراضگي هئي.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي خون جا ڇنڊا مشرف جي دامن تي لڳل آهن، ان ڪري ڪوبه پيپلزپارٽي جو ايم اين اي يا ايم پي اي ساڻس ملاقات نه ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته کيس نٿو لڳي ته وڏي وزير خلاف ايم ڪيو ايم پاران جمع ڪرايل بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب  ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*