سنڌ هاءِ ڪورٽ نيٽو ايساف ڪنٽينرز مان چوري واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار نجي ڪمپني جي ملازم محمد فراز جي پنج لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ۾ واڌ

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيٽو ايساف ڪنٽينرز مان چوري واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار نجي ڪمپني جي ملازم محمد فراز جي پنج لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

نجي ڪمپني جي ملازم محمد فراز جي ضمانت واري درخواست ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سندس موڪل جي آفيس پاڪ-افغان سرحد طورخم تي آهي، نيٽو ڪنٽينرز مان چوري ڪراچي ۾ ٿي هئي.

عدالت جوابدار محمد فراز جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ڪسٽم اختيارين موجب 2015ع ۾ نيٽو ۽ ايساف ڪنٽينرز مان سامان ڪڍي بجيري ۽ ٻيون شيون وڌيون ويون هيون، جنهن جو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*