سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهن بابت درخواست تي ڊيري فارمرز کي ڪمشنر ڪراچي سان ملاقات ڪري 15 ڏينهن اندر معاملا طئي ڪرڻ جو حڪم

Sindh-high-court-02

سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهن بابت درخواست تي ڊيري فارمرز کي ڪمشنر ڪراچي سان ملاقات ڪري 15 ڏينهن اندر معاملا طئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ کيرجي اگهن بابت ڊيري فارمرز ايسوسئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ڊيري فارمرز خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

ڪمشنر ڪراچي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته مارچ کان هيل مهانگو کير وڪرو ڪندڙ جا 306 چالان ڪاٽي انهن کان 18لک وصول ڪيا ويا آهن.

عدالت ڊيري فارمرز پاران داخل ڪرايل درخواست اڪلائيندي کين ڪمشنر ڪراچي سان ملاقات ڪري 15 اندر معاملا طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*