حيدرآباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا
حيدرآباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻڪرا پڙي واري علائقي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 سڳاڀائر سهيل احمد ۽ عاطف علي موقعي تي فوت ٿي ويا.
بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ٽيڪنيشن به زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .
فوت ٿي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا،جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪياويا آهن .
واقعي سبب ٻنهي فوتي نوجوانن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي…………….