اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سفري دستاويز اڻپورا هئڻ تي 4 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو

islamabad-airport-04

اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سفري دستاويز اڻپورا هئڻ تي 4 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي يورپي ملڪ ايسٽونيا ويندڙ 4 مسافرن جا سفري دستاويز اڻپورا هئڻ تي کين پرڏيهي اڏام مان آف لوڊ ڪري ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ سيل حوالي ڪيو ويو.

ذريعن موجب، چئني مسافرن ۾ فياض خان، محمد افضل، واجد علي ۽ محمد ساجد شامل آهن، جن جو واسطو خيبرپختونخواهه جي شهر مانسهره سان آهي.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته چئني مسافرن جا سفير دستاويز شڪي آهن، کين حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*