ٺل ويجهو بدنام ڌاڙيل جي گرفتاري جي لاءِ پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي

thul

ٺل ويجهو بدنام ڌاڙيل جي گرفتاري جي لاءِ پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي، جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس 5 گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون.

جيڪب آباد ضلع جي مختلف ٿاڻن جي پوليس بدنام ڌاڙيل چوٽو بنگلاڻي جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ چوٽو بنگلاڻي تي چڙهائي ڪئي، پوليس جي پهچڻ کان اڳ  جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته پوليس جوابدارن جي 5 گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌاڙن ۽ ڦرن سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي، جڏهن ته جوابدار تي حڪومت پاران 5 لک روپيا انعام جو اعلان ٿيل آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*