وزيراعظم نوازشريف جي دل جو آپريشن، شهباز شريف، حمزه شهباز سميت شريف ڪٽنب جا ٻيا فرد لنڊن ۾ موجود

nawaz-sharif

وزيراعظم نوازشريف جي دل جو آپريشن، شهباز شريف، حمزه شهباز سميت شريف ڪٽنب جا ٻيا فرد لنڊن ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڀارتي وزر اعظم نريندر مودي ۽ ٻين فون ذريعي نواز شريف کان طبيعت معلوم ڪئي.

وزيراعظم نوازشريف جي اوپن هارٽ سرجري برطانوي وقت موجب اڄ صبح 8 وڳي ٿيندي، ان حوالي سان سندس سموريون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

وزيراعظم نوازشريف جي دل جي آپريشن کان اڳ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻيا خاندان جا ڀاتي به لنڊن پهتل آهن.

دل جي آپريشن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف کي هڪ ڏينهن آءِ سي يو  ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران اجازت بعد نواز شريف ڏيهه واپس ايندو.

ڀارتي وزير اعظم نريندي مودي، افغان صدر اشرف غني ۽ ترڪ صدر سميت ٻين ملڪن جي سربراهن وزير اعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*