ڪوئيٽا ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري افغان طالبان سربراهه ملا منصور جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ڪندڙ اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو

wali-mohd

ڪوئيٽا ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري افغان طالبان سربراهه ملا منصور جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ڪندڙ اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

وفاقي جاچ اداري ڪوئيٽا ۾ ڪارروائي ڪري نادرا جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام محمد بگٽي کي گرفتار ڪيو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته عملدار 2007ع ۾ نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو هو، جنهن ملا اختر منصور جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ڪئي هئي.

وفاقي جاچ اداري جي عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد تفصيل ٻڌايا ويندا.

واضح رهي ته 21 مئي تي بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ امريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ افغان طالبان سربراهه ملا اختر منصور سميت 2 ڄڻا مارجي ويا هئا………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*