ڪنڌڪوٽ ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

بي سيڪشن ٿاڻي جي  حد ۾ جوابدار احسان سهرياڻي  پنهنجي گهرواري آمنه ۽ پوليس اهلڪار نور الله جاگيراڻي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ اهلڪار ۽ زال کي قتل ڪيو آهي، جنهنجي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*