ميهڙ ويجهو جوابدارن زمين جي تڪرار تان گهر تي حملو ڪري بيواهه پيرسن عورت ۽ سندس پٽ تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

mehar-women

ميهڙ ويجهو جوابدارن زمين جي تڪرار تان گهر تي حملو ڪري بيواهه پيرسن عورت ۽ سندس پٽ تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، متاثر عورت پاران با اثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ عباس آباد ۾ ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 13 ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ جي تڪرار تان جوابدارن ڳوٺاڻي محمد اسماعيل ڏهر جي گهر تي حملو ڪري بيواهه پيرسن عورت مسمات ارباب زادي ۽ سندس پٽ عبدالمجيد ڏهر تي وحشياڻو تشدد ڪيو، لٺيون ۽ ڪهاڙين جا وار لڳڻ سبب پيرسن عورت جي هڪ اک ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.

ان سلسلي ۾ زخمي پيرسن عورت مسمات ارباب زادي ايوان صحافت اڳيان دانهيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته با اثر جوابدارن مريد ڏهر، سڪندر ڏهر ۽ ٻين هنن جي زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته هٿياربندن هنن تي حملو ڪري هن کي ۽ هن جي پٽ کي زخمي ڪيو، جڏهن ته ٿرڙي محبت پوليس با اثرن جي ونگار وهندي هن جي پٽ اقبال ڏهر کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي،  هن اعليٰ اختيارين کان جاچ ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*