ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ سسٽم کي درست ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي:مصطفيٰ ڪمال

MUSTFA-kamal

پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ سسٽم کي درست ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ڪوئيٽا ۾ پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڪوئيٽا بار جي وڪيلن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مخلتف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ وسيلا ۽ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن، جڏهن ته سياسي ڪلچر به تبديل ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته هو عوام جي مفادن لاءِ نڪتا آهن، کين اميد آهي ته بلوچستان جو عوام ساڻن سهڪار جاري رکندو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو ملڪ خاطر دشمنن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهن، بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*