پراڻي اين ايف سي تي نئين سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ افسوسناڪ آهي:رضا رباني

raza-rabani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته پراڻي اين ايف سي تي نئين سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ افسوسناڪ آهي، سسٽم کي ناڪاره بڻايو ويو ته وفاق به نه بچندو، رياست چاهي ٿي ته عوام گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل رهي ۽ قابض ماڻهو پنهنجون من مستيون ڪندا رهن.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته هِن قوم جي نفسيات بڻجي چڪي آهي ته اسان بعد ۾ پڇتايون ٿا ۽ مسئلن جو حل ڪڍڻ بدران ٻين تي الزام لڳايون ٿا.

هن چيو ته رياست چاهي ٿي ته عوام گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل رهي ۽ ڪجهه قابض حڪمران پنهنجون من مستيون ڪندا رهن، پر جيڪڏهن سسٽم کي ناڪاره بڻايو ويو ته وفاق به نه بچندو.

رضا رباني چيو ته شاگردن ۽ استادن کي حڪمرانن کان سوال ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن نه پڇيو ويو ته پوءِ شايد رياست ۽ وفاق اڳتي موجوده شڪل ۾نه رهن.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني وڌيڪ چيو ته پراڻي اين ايف سي ايوارڊ تي نئين بجيٽ پيش ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جنهن سان ننڍن صوبن جون محروميون وڌنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*