جيڪب آباد ۾ ٽَي مهينا اڳ نينگر سميت اغوا ٿي ويل چئن ڄڻن جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

jecobabad-protest

جيڪب آباد ۾ ٽَي مهينا اڳ نينگر سميت اغوا ٿي ويل چئن ڄڻن جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

گوپانگ برادري جي ماڻهن الهوسايو گوپانگ جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، جنهن دوران نواز ليگ اڳواڻ اڪرم ابڙو پڻ ايڪتا طور احتجاج ۾ شريڪ ٿيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 3 مهينا اڳ جيڪب آباد کان بلوچستان مزدوري لاءِ ويندي نينگر آفتاب، سڌير، نعيم ۽ منٺار  گوپانگ اغوا ٿي ويا هئا، جن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بي چيني ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*