خانپور مهر ۾ واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو

khan-pur-mehar-water-shotag

خانپور مهر ۾ واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سيپڪو پاران لکين رپيا رهتون ڄاڻائي واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن مهينن کان واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽيل آهي، جنهن ڪري رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ جي بجلي فوري طور بحال کي شهر کي پيئڻ جي پاڻي واري فراهمي شروع ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*