وزيراعظم نواز شريف جي دل آپريشن جي ڪاميابي لاءِ سڄي دنيا جي عالمي اڳواڻن نيڪ خواهشن جو اظهار

nawaz-

وزيراعظم نواز شريف جي دل آپريشن جي ڪاميابي لاءِ سڄي دنيا جي عالمي اڳواڻن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان به وزيراعظم نواز شريف  سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن وزيراعظم جي اوپن هارٽ سرجري جي ڪاميابي ۽ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.

تاجڪستان جي صدر به وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ نواز شريف کي جلد صحتياب ڪري.

افغان صدر اشرف غني، اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ ٻين عالمي اڳواڻن به وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*