سمورو ڌيان جوڊيشل ڪميشن جي معاملي ۽ پشاور حڪومت تي آهي عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڌانڌلين جي جاچ جوڊيشل ڪميشن جي قيام ۽ ان جا نتيجا اچڻ تائين هو اسيمبلين ۾ واپس نه ويندا  ۽ جڏهن قوم کي  پنهنجي حقن جو پتو پئجي وڃي ته تبديلي اچي ويندي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو  قومي اشوز تي قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي.

هن چيو سندن سمورو ڌيان جوڊيشل ڪميشن جي معاملي ۽ پشاور حڪومت  تي آهي.

عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم اسپتال جي اڏاوٽ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي امداد جي اپيل ڪندي چيو  اسپتال لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن رقم هڪ مهيني اندر نه ملي ته اسپتال جي تعمير هڪ سال لاءِ رڪجي ويندي.

عمران خان چيو 67 سالن ۾ ڌرڻي جهڙي تحريڪ نه هلي آهي ۽ ملڪ ۾  تعليم، صحت ۽ انصاف سڀ کان وڌيڪ مهانگو آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه پارٽي جي سمورن ميمبرن کي مهم ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪينسر جي هر مريض تي 8 کان 10 لک رپيا خرچ اچي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*