وزير اعظم نواز شريف پاران 2016-17 بجيٽ تجويزن جي منظوري بعد ڏيهه اماڻيل دستاويز ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ملي ويا

nawaz-ashaq

وزير اعظم نواز شريف پاران 2016-17 بجيٽ تجويزن جي منظوري بعد ڏيهه اماڻيل دستاويز ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ملي ويا آهن.

وزيرا عظم نواز شريف گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي لنڊن مان اسڪائيپ ذريعي صدارت ڪري بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني.

اجلاس دوران 5سالن تائين پراين گاڏين جي درآمد سميت مختلف تجويزن جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته 16 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ ۽ دفاع جي شعبي لاءِ هڪ سئو 60 ارب رپين جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف بجيٽ تجويزن جي منظوري بعد باضابطا طور تي دستاويزن تي صحيح ڪري ڏيهه اماڻيا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف پاران اماڻيل دستاويز ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي موصول ٿي ويا آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*