گڊو ۾ دوستي نه رکڻ تان ناري کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

kabdhkot-police

گڊو ۾ دوستي نه رکڻ تان ناري کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ناري جو چوڻ آهي ته جوابدار تشدد دوران زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن کيس بچائي ورتو.

ڀٽي محلا ۾ جوابدار عبدالرحمان ناري نظيران ڀٽي کي دوستي نه رکڻ تان مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد ناري تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي.

ناري نظيران ڀٽي جو چوڻ هو جوابدار عبدالرحمان کيس دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪيو، انڪار ڪرڻ تي هن گهر ۾ داخل ٿي کيس تشدد جو بڻايو بڻايو آهي.

ناري جو چوڻ هو ته جوابدار تشدد دوران کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين تي پاڙي وارن کيس بچائي ورتو آهي.

ناري پوليس جي اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ جو ته ناري کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، معاملي جي درست نموني جاچ ڪرڻ بعد  ناري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*