ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ شريڪ جوابدار بشارت مرزا جي درخواست تي نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

Dr-Asim-30416

ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ شريڪ جوابدار بشارت مرزا جي درخواست تي نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، نيب جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته بشارت مرزا جي درخواست بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد قانون جي اکين ۾ مٽِي وجهڻ برابر آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ڪيس ۾ شريڪ جوابدار بشارت مرزا جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب طرفان پنهنجو جواب جمع ڪرايو ويو.

نيب جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته بشارت مرزا طرفان داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي، ان ۾ اٿاريل سوالن جون شهادتون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نيب جي جواب موجب درخواست بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد قانون جي اکين ۾ مٽِي وجهڻ برابر آهي.

عدالت درخواست تي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*