سنڌ هاءِ ڪورٽ اقليتي معاملن واري سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو جي غير قانوني ڀرتين ۽ ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ 13 جون تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ اقليتي معاملن واري سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو جي غير قانوني ڀرتين ۽ ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ 13 جون تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته پوليس فنڊز ۾ گهوٻين جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي اَي آءِ جي فنانس فدا حسين شاهه جي ضمانت ۾ پڻ 14 جون تائين واڌ ڪئي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ اقليتي معاملن واري سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته بدر جميل مينڌرو خلاف احتساب عدالت ۾ رينفرس داخل ٿي چڪو آهي، مٿس غير قانوني طريقي سان ڀرتين ۽ ڪرپشن جو الزام آهي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت بدر جميل جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ساڳي عدالت پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي اَي آءِ جي فنانس فدا حسين شاهه جي ضمانت ۾ پڻ 14 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

نيب جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي پوليس فنڊز ۾ گهوٻين جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت سيد فدا حسين شاهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*