سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز کي ڪي ڊي اي جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي انچارج جميل بلوچ کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز کي ڪي ڊي اي جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي انچارج جميل بلوچ کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي  چيو ته ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن اهڙين وارداتن کي روڪڻو پوندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ ڪي ڊي اي جي عملدار جميل بلوچ جي اغوا خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ رينجرز عملدارن عدالت ۾ پيش جميل بلوچ جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته جميل بلوچ جي اغوا جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي ۽ ان جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

آءِ جي سنڌ چيو ته جميل بلوچ جي بازيابي  لاءِ ڀنگ جي حوالي سان ڪا فون ڪال به نه آئي  آهي، چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي  چيو ته ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن اهڙين وارداتن کي روڪڻو پوندو.

چيف جسٽس آءِ جي سنڌ  کي چيو ته  جميل بلوچ ڪروڙين رپين جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا آهن ان جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاني استعمال ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز کي حڪم ڏنو ته  جميل بلوچ کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*