سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ صحت کاتي اندر غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ وڏي وزير پاران جوڙيل ڪميٽي کان ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ صحت کاتي اندر غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ وڏي وزير پاران جوڙيل ڪميٽي کان ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، چيف جسٽس رماڪس ڏنا آهن ته سنڌ سرڪار ڇو ڪوبه ڪم ميرٽ تي ناهي ڪندي؟، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪب آباد ۾ داين جي جاءِ تي مردن کي ڀرتين ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ جي صحت کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار اڪبر کوسي موقف اختيار ڪيو ته جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون، جڏهن ته   عورت داين جي جاءِ تي مردن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سنڌ سرڪار ميرٽ تي ڪم ڇو نه ڪري رهي آهي؟، جيستاتين فيصلو نٿو اچي تيستائين ملازمن کي مستقل نه ڪيو وڃي.

سنڌ سرڪار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صحت کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪندي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪميٽي جورڻ جو مقصد عدالت کان جان ڇڏائڻ آهي، لڳي رهيو آهي ته ڪميٽي سمورا معاملا پاڻ ۾ طئي ڪري وٺندي.

سپريم ڪورٽ صحت کاتي ۾ غير قاني ڀرتين جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کان ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*