سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي ۾ ايبٽ آباد پوليس جرڳي ذريعي ناري کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

senate-pakistan-11-8

سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي ۾ ايبٽ آباد پوليس جرڳي ذريعي ناري کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محسن لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ آر پي او پوليس محمد سعيد ايبٽ آباد ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي مدد ڪرڻ تان جرڳي ذريعي ناري امبرين کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي جي رپورٽ پيش ڪئي.

پوليس رپورٽ ۾ چيو آهي ته جرڳي ذريعي ناري امبرين کي پهريان ڦاهي تي لٽڪايو ويو ۽ بعد کيس باهه ڏئي ساڙيو ويو.

رپورٽ موجب، واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان فرانزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون اچي سگهندا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*