ميهڙ پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا طور اغوا ڪيل ٻن نارين کي بازياب ڪرائي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

mehar-police

ميهڙ پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا طور اغوا ڪيل ٻن نارين کي بازياب ڪرائي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته نارين کي ڪجهه ڏينهن اڳ گمبٽ مان اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران گمبٽ مان اغوا ڄاڻايل ناري زيبا ۽ سائرا باگڙي کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران نارين جي اغوا ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ممتاز ڪلهوڙو  ۽  زاهد آرائين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ناري پنهنجي مرضي سان گهران نڪري ويو،،، يا انهن کي اغوا ڪيو ويو، ان معاملي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*