وزيراعظم نواز شريف سستي بجلي وارا منصوبا تيزي سان مڪمل ڪري 2015 تائين ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف سستي بجلي وارا منصوبا تيزي سان مڪمل ڪري 2015 تائين بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم کي توانائي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو توانائي منصوبن تي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهي سيڙپڪارن جي آجيان ڪن ٿا، پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته توانائي جا منصوبا مقرر وقت تي مڪمل ڪري عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تيزي سان قدم کنيا وڃن.

نواز شريف بجلي جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ نجي شعبي کي سهولتون فراهم ڪري اضافي پيداوار ۾ ايندڙ رڪاٽون ختم ڪيون وڃن.

وزيراعظم اختيارين کي اها به هدايت ڪئي ته بجلي جي فراهمي بهتر ۽ تيز ڪئي وڃي ته جيئن سياري جي مند ۾ عوام تڪليفن کي منهن نه ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*