ڪراچي پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عزير بلوچ خلاف غيرقانوني هٿيار ، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ چالان جمع

Uzair--Court-30-1ڪراچي پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عزير بلوچ خلاف غيرقانوني هٿيار ، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ چالان جمع ڪرايو آهي، عدالت 11جون تي عزير بلوچ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي نبي بخش ٿاڻي جي پوليس عزير بلوچ خلاف اي ٽي سي ۾ چالان پيش ڪري ڄاڻايو آهي ته عزير بلوچ جي نشاندهي تي   ڪارروائي ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.

عزير بلوچ خلاف چالان پيش ٿيڻ بعد عدالت عزير بلوچ کي 11جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*