حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٽي او آرز واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، حڪومت جو مقصد شريف ڪٽنب کي احتساب کان بچائڻ آهي: اعتزاز احسن

atzaz-hussain

پاناماليڪس تي پارلياماني ڪيمٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، اپوزيشن ڌر جي ميمبر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٽي او آرز واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، حڪومت جو  مقصد شريف  ڪٽنب کي احتساب کان  بچائڻ آهي، اپوزيشن جا ٽي او آرز تسليم ڪيا ويا ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

پاناما ليڪس جي انڪشافن جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنسز تيار ڪرڻ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي.

پارلياماني ڪميٽي جي اپوزيشن ميمبر اعتزاز احسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄوڪي اجلاس مان حڪومتي رويَي جي تبديلي بابت پتو پئجي ويندو.

هن چيو ته پاناما ليڪس ڪميٽي ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ مشڪل آهي، ڇوته حڪومت جو مقصد شريف ڪٽنب کي احتساب کان بچائڻ آهي.

اعتزاز احسن چيو ته حڪومت اپوزيشن جي ٽي او آرز کي تسليم ڪيو ته سمورا اڇا ڪارا پٿرا ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*