وزير اعظم نواز شريف جي لنڊن جي اسپتال ۾ اوپن هارٽ سرجري ڪامياب ٿي وئي

nawaz-sharif

وزير اعظم نواز شريف جي لنڊن جي اسپتال ۾ اوپن هارٽ سرجري ڪامياب ٿي وئي آهي، وفاقي وزير پرويز رشيد خاص دعائون گهرڻ قوم جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جلد صحتياب ٿي ڏيهه واپس ايندو، جڏهن ته مريم نواز جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو اڃا تائين آپريشن جاري آهي.

وزير اعظم نواز شريف کي پاڪستاني وقت موجب، هڪ وڳي لنڊن جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن آپريشن ٿيٽر منتقل ٿيڻ کان اڳ امڙ سان فون تي رابطو ڪري دعائون ڪرايون.

وزير اعظم نواز شريف جي ٽن ڪلاڪن تائين اوپن هارٽ سرجري جاري رهي، جنهن دوران مريم نواز، شهباز شريف سميت لنڊن جا ماهر ڊاڪٽر اسپتال ۾ موجود رهيا.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي اوپن هارٽ سرجري دوران صورتحال ڪنٽرول ۾ هئي.

ٻئي پاسي سڌ سماءِ واري وزير پرويز رشيد  دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم نواز شريف جي اوپن هارٽ سرجري ڪامياب ٿي وئي آهي.

هن چيو ته وزير اعظم جو ڪامياب آپريشن قوم جي دعائن جو  اثر آهي، اميد  آهي ته جلد نواز شريف صحتياب ٿي ڏيهه واپس ايندو.

هوڏانهن مريم نواز جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف جي اوپن هارٽ سرجري جاري آهي، جڏهن ته هيل تائين صورتحال بهتر رهي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*