ڪراچي آپريشن رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ڪيو پيو وڃي:ڪنور نويد جميل

Kanwar-Naveed-Jamil

متحده قومي مومينٽ جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ڪراچي آپريشن رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ڪيو پيو وڃي ۽ لانڍي واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي وارا  سندن ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنور نويد جميل چيو ته لانڊي ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي وارا سندن ڪارڪنن تي تشدد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب وڏي انگ ۾ ڪارڪن لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن ۽ پوليس توڙي رينجرز جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

ڪنور نويد جميل چيو ته ڪارڪنن تي مصطفي ڪمال جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

هن چيو ته چائنا ڪٽنگ معاملي تي ايم ڪيو ايم مان ڪيترن ئي ماڻهن کي نيڪالي ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*