قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڀرپور تيارين ۾ مصروف

pak-team-practis

قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي،جنهن ۾ رانديگرن کي فزيڪل فٽنس سان گڏ ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرائي پئي وڃي.

ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ فٽنس ڪيمپ ختم ٿيڻ بعد انگلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل سيريز لاءِ امڪاني رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ بعد انهن جي تعداد 21 ڪئي وئي آهي،جيڪي لاهور جي اسڪلز ڪيمپ ۾ شريڪ آهن.

رانديگرن ۾ محمد حفيظ، سميع اسلم، خرم منظور، شان مسعود، اظهر علي، يونس خان، مصباح الحق، اسد شفيق، افتخار احمد، آصف ذاڪر، اڪبر رحمان، سرفراز احمد،محمد رضوان، محمد عامر، راحت علي، عمران خان، سهيل خان، جنيدخان،احسان عادل،ياسر شاهه۽ ذوالفقار بابر شامل آهن.

اسڪلز ڪيمپ جو اڄ ٻيو ڏينهن آهي۽ شيڊيول مطابق رانديگر صبح 10 وڳي کان منجهد هڪ وڳي تائين نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ انڊور پريڪٽس ڪري رهيا آهن،جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي شرڪت ڪرڻ لازمي نه آهي.

ٻئي سِيشن ۾ شام جو ساڍي 3 وڳي صرف فاسٽ بالرز بالنگ جي پريڪٽس ڪري رهيا آهن.

ٽيئن سيشن ۾ سمورا  رانديگرن شامل جو 4 وڳي کان 7 وڳي تائين نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس سان گڏ فيلڊنگ ۾ بهترين تي ڌيان ڏئي رهياآهن.

اي سي اي جو هيڊ ڪوچ مشتاق احمد ٽريننگ جي نگراني ڪري رهيو آهي،جڏهن ته بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور ۽ٽرينر ۽فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ ليوڊن فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪرائي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*