قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر محمد حفيظ جي گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ پنهنجي انجري جو ٻيهر ايم آر آءِ اسڪن ڪرايو

muhmmad-hafiz04-9

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر محمد حفيظ جي گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ پنهنجي انجري جو ٻيهر ايم آر آءِ اسڪن ڪرايو آهي،جنهن جي رپورٽ هو لنڊن ۾ ري هيبليٽيشن سرجن کي اماڻي ڇڏي آهي.

برطانوي ڊاڪٽر محمد حفيظ جي رپورٽ ڏسڻ بعد کيس مشورو ڏيندو ته علاج ڪهڙي طرح ممڪن آهي ۽کيس آپريشن جي ضرورت آهي يا نه.

ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز محمد حفيظ جي گوڏي جي انجري جو معائنو ڪيو ۽سندس رپورٽس ڏسڻ بعد انهن کي تسلي بخش قرار نه ڏنو آهي.

ڊاڪٽر مطابق اهڙي ڪنڊيشنز ۾ محمد حفيظ کي رننگ يا ورزشن نه ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ محمد حفيظ کي گوڏي ۾تڪيلف ٿي هئي،جنهن بعد هن پاڻ کي فٽ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ٻه مهينا گذريڻ باوجود هن وقت تائين فٽ نه سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*