انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اليسٽر ڪڪِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنز اسڪور ڪندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو بيٽسمين بڻجي ويو

eng-lend-captan

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اليسٽر ڪڪِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنز اسڪور ڪندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

انگلينڊ ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ چيسٽر لي ۾ جاري ٻين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن 31 سال پنج مهينا ۽پنج ڏينهن جي ڄمار ۾ اليسٽر ڪڪٽ 10 هزار رنز اسڪور ڪيون.

سري لنڪا خلاف سيريز کان پهرين کيس سچن ٽنڊوالڪر جو رڪارڊ برابر ڪرڻ لاءِ 36رنز گهربل هيون،جنهن هن وقت تائين سڀ کان ننڍي عمر ۾ 10 هزار رنز اسڪور ڪري رڪارڊ قائم ڪيو هو.

سچن ٽنڊوالڪر 31سال 10 مهينا ۽20 ڏينهن جي ڄمار ۾ ٽيسٽ ميچز ۾ 10 هزار رنز اسڪور ڪري رڪارڊ قائم ڪيون.

اليسٽر ڪڪِ اهو اعزاز سري لنڪن فاسٽ بالر نوان پرديپ جي بال تي چونڪو هڻي حاصل ڪيو ،جنهن بعد هن پويلين طرف منهن کي ٽيم جي ميمبرز کي سلام ڪيو.

اليسٽر ڪڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 12 هون بيٽسمين آهي۽ ٻيو اوپنر آهي،جنهن 10 هزار رنز اسڪور ڪيون آهن.

اليسٽر ڪڪ 128هين ٽيسٽ ۾ کيڏي رهيو آهي،جنهن ۾ مجموعي طور تي هن 28سنچريون اسڪور ڪيون آهن.

ان کان پهرين سچن ٽنڊوالڪر، برائن لارا، ڪمار سنگاڪارا، رڪي پونٽنگ، راهو ڊريوڊ، مهيلا جي ورڌني، سنيل گواسڪر، جيڪس ڪيلس، ايلن بارڊر، شونارائن چندرپال ۽ اسٽيو وا اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*