پنجاب جي علائقي ليا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

laya-2-murdar

پنجاب جي علائقي ليا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، سي ڊي ٽي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ 4 پرڏيهي به شامل هئا.

ليا جي علائقي چوباره ۾ سي ٽي ڊي ملتان جي اهلڪارن دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي هڪ  فارم تي ڇاپو هنيو ته اتي موجود دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 موقعي تان فرار ٿي ويا.

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي، جڏهن ته مارجي ويل 4 دهشتگرد پرڏيهي به شامل هئا.

مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 2 دستي بم، 2 رائيفل ۽ ٻن ٽي ٽي پسٽلز سميت ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته فرار ٿي ويل دهشتگردن جي ڳولها لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*