اڄ کان طور خم بارڊر ذريعي پاڪستان ايندڙ افغان شهري بنا ويزا جي پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهندا

pak-afghan-border-torkham

اڄ کان طور خم بارڊر ذريعي پاڪستان ايندڙ افغان شهري بنا ويزا جي پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهندا، پاڪ افغان سرحد طــُورخـَم وٽ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فعال ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي.

 پاڪستاني حڪومت افغان اختيارين تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ کان بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي ڪو به افغان شهري پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهندو، 4 ڪلو ميٽر جي علائقي ۾ انٽرنيشنل بارڊر جي عالمي قاعدن ۽ ضابطن موجب اميگريشن کانپوءِ ئي ڪنهن افغان شهري کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته بنا ويزا جي پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙن کي قانون موجب واپس موڪليو ويندو.

راهداري پرمٽ به صرف پاڪستان  جي سرحدي علائقي سان واڳيل 20 ڪلوميٽر جي اندر شنواري قبيلي کي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت اهي افغانستان وڃي سگهندا ۽ افغانستان جي شنواري قبيلي جا ماڻهو پاڪستان اچي سگهندا پر انهن کي به بعد ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا جو پابند ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد جي 8 هنڌن تان ٻنهي ملڪن جي شهرين کي پاسپورٽ ۽ ويزا کانپوءِ ئي هڪٻئي جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، انهن هنڌن ۾ طورخم کان علاوه، ارندو، ڪرسل، نوا پاس، غلام خان، انور اڏو ۽ خرلاچي شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو افغان مهاجر سرحد پار ڪري پنهنجي ملڪ واپس وڃي ٿو ته ان کي افغان مهاجر قرار نه ڏنو ويندو پر ان کي ٻيهر پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا وٺڻي پوندي.

امڪاني ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ قانوني رستن تان افغان مهاجرن جو رڪارڊ گڏ ڪيو ويندو، جڏهن ته غير قانوني رستي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙن کي گوليءَ جو نشانو به بڻائي سگهجي ٿو.

پاڪ افغان سرحد طــُورخـَم وٽ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فعال آهي ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي اسڪيننگ به ڪئي پئي وڃي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*