معاملو حل نه ٿيو ته سياست روڊن تي اچي ويندي، چوڌري نثار کي ياد رکڻ گهرجي ته بلاول شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جو اولاد آهي: خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته پاناماليڪس جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ حڪومت جي مفاد ۾ آهي، معاملو حل نه ٿيو ته سياست روڊن تي اچي ويندي، چوڌري نثار کي ياد رکڻ گهرجي ته بلاول شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جو اولاد آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پاناماليڪس جا اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ گهرجن، اميد آهي ته صدر اڄوڪي خطاب ۾ ڪرپشن خلاف به ڳالهائيندو.

هن چيو ته هــــُــو پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ٽي او آرز تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ جي حوالي سان اسپيڪر اياز صادق سان ڳالهائيندو، جڏهن ته اعتزاز احسن ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اولاد آهي، مٿس تنقيد به اخلاقيات جي دائري ۾ رهي ڪئي وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته پاناماليڪس اسڪينڊل جي دنيا ۾ جاچ شروع ٿي چڪي آهي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رڳو ڊيڊ لاڪ ئي برقرار رهندا آهن، اپوزيشن معاملي جي شفاف جاچ چاهي ٿي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*