سـُپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي آفيسرن جي مقرريءَ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم نه مڃيندڙن آفيسرن جي فهرست پيش ڪرڻ جو حڪم

Supreme-Court-14-4-16

سـُپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي آفيسرن جي مقرريءَ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم نه مڃيندڙن آفيسرن جي فهرست پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڇا سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءِ ناهي ۽ ڇا وڏو وزير ڪنهن قانون تي عملدرآمد جو پابند ناهي؟.

 چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي آفيسرن جي مقرريءَ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ ستن سالن کان عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي حوالي سان ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، حڪمن تي عمل رڳو ڪاغذي ڪاررواين تائين محدود آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪمن تي عمل ناهي ڪرڻو ته پوءِ بيان ڏنو وڃي ته سنڌ ۾ جمهوريت نه بادشاهت آهي.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي لاءِ بهانا ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن صوبي ۾ پسند نا پسند تي مقرريون ڪيون وينديون رهيون ته پوءِ حڪومت جو ڇا ٿيندو؟.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ ماڻهو لاءِ پندرنهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، حد آهي ته گريڊ هڪ جي اهلڪار کي 17 گريڊ تائين پهچايو ويو آهي.

چيف جسٽس، رمارڪس ۾ اهو به چيو ته ڇا سنڌ جو وڏو وزير ڪنهن قانون جو پابند ناهي، جيڪڏهن اها ئي حالت آهي ته پوءِ بيان جاري ڪيو وڃي ته وڏو وزير ڪنهن حڪمن تي عمل جو پابند ناهي.

عدالت، چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ آفيسرن جي فهرست پيش ڪئي وڃي.

عدالت جو چوڻ آهي ته رمضان مهيني بعد هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي ۽ عدالتي حڪم نه مڃيندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*