ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي بندش خلاف شهري رستن تي نڪري آيا

kaachi-maripur-protest

ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي بندش خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، مڇريل ماڻهن روڊ تي ٽائر ساڙي ٽريفڪ معطل ڪئي وئي.

ماڙيپور روڊ واري علائقي ۾ واٽر سپلاءِ جي فراهمي بند هئڻ ۽ بجليءَ جي اڻ اعلانيل خلاف علائقي واسي تنگ ٿي روڊن تي نڪري آيا.

مڇريل ماڻهن روڊ تي ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

 احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي فراهمي بند هئڻ سبب هــُو ٻٽَي عذاب جو شڪار ٿي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ماڙيپور روڊ واري علائقي ۾ پاڻيءَ جي فراهمي بحال ڪري پريشانين مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*