روهڙي ڀرسان ريل مان ڪرڻ سبب 12 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي،نينگري کي بچائيندي سندس مامو ٽرين مان ڪري زخمي ٿي پيو

rohri-tran-01

روهڙي ڀرسان ريل مان ڪرڻ سبب 12 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي،نينگري کي بچائيندي سندس مامو ٽرين مان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

دبر اسٽاف ڀرسان راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ ريل گاڏي مان 12 ورهين جي نينگري بسما ڪري فوت ٿي وئي.

نينگري کي بچائيندي سندس مامون غلام عباس ريل گاڏي مان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ روهڙي اسپتال منتقل ڪيوويوآهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نينگري ۽ زخمي نوجوان ڪراچي جا رهواسي آهن، جيڪي راولپنڊي کان ڪراچي اچي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*