نواز شريف جي بيماري کانپوءِ چوڌري نثار پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي پيو، سندس پلان ناڪام ٿي ويو:بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-04

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي تنقيد جي جواب ۾ چيو آهي ته  نواز شريف جي بيماري کانپوءِ چوڌري نثار پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي پيو، سندس پلان ناڪام ٿي ويو آهي، ان ڪري واويلا ڪئي پئي وڃي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي بيماري جو فائدو نه ورتو وڃي.

هن چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم ٿيڻ چاهي پيو پر ان جو اهڙو پلان ناڪام ٿي ويو آهي، تنهن ڪري سندس وايون بتال ٿي ويون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمرن جي دور ۾ چيو پئي ويو ته پيپلزپارٽي ختم ٿي ويندي پر پ پ کي ختم ڪرڻ وارن جا خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، گذريل ڏينهن بلاول ڀـُٽو زرداري تي سخت تنقيد ڪئي هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*