وزيراعظم نواز شريف کي دل جي ڪامياب سرجري بعد هوش اچي ويو

nawaz-sharif-

وزيراعظم نواز شريف کي دل جي ڪامياب سرجري بعد هوش اچي ويو آهي، جنهن بعد ڊاڪٽرن سندس وارثن سان مختصر ملاقات به ڪرائي، وزيراعظم کي اڄ آءِ سي يو مان جنرل وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جا امڪان آهن.

وزيراعظم نواز شريف جي اوپن هارٽ سرجري لنڊن جي “ هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ” ۾ ڪئي وئي، جتي 3 کان 4 ڊاڪٽرن وزيراعظم جي آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ آپريشن 4 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن دوران ڪا به ڏکيائي پيش نه آئي.

آپريشن بعد وزيراعظم نواز شريف کي آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو ۽ هوش اچڻ بعد وارثن جي وزيراعظم سان مختصر ملاقات به ڪرائي وئي پر ڪنهن کيس ڪنهن سان به ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

وزيراعظم نواز شريف کي اڄ آءِ سي سي يو مان جنرل وارڊ منتقل ڪرڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته دل جي سرجري بعد وزيراعظم گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين اسپتال ۾ داخل هوندو۽ ڊاڪٽرن جي اجازت بعد ئي هو وطن واپسي لاءِ سفر ڪندو.

لنڊن ۾ اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته وزيراعظم نواز شريف جو آپريشن ڪامياب رهيو، وزيراعظم هن وقت آءِ سي يو ۾ آهي، خصوصي دعائن تي هو برادر اسلامي ملڪن ۽ پاڪستانين جا ٿورائتا آهن.

وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز ٽوئيٽر تي وزيراعظم جي تصوير به جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته قوم جي دعا سان وزيراعظم جلد ڏيهه واپس ورندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*