سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي انچارج سبحان ميمڻ جي زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ پنج لک رپين عيوض عبوري ضمانت منظور
سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي انچارج سبحان ميمڻ جي زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ پنج لک رپين عيوض عبوري ضمانت منظوري ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي انچارج سبحان ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
نيب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سبحان ميمڻ خلاف 2009ع ۾ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي سفارش جو الزام آهي، جنهن بابت جاچ هلندڙ آهي.
عدالت سبحان ميمڻ جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.