ملير ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪارروائي ڪري ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون

malir

ملير ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪارروائي ڪري ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، جڏهن ته 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر ملير جي اڳواڻيءَ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل اسٽيل مل موڙ وٽ قومي شاهراهه ڀرسان غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران ڪيتريون ئي اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، جڏهن ته 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر موجب لينڊ گريبر ملڪ هوتي ۽ ٻين سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا هئا، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*